ايشيا جو ٻيو امير ترين شخص ٺڳ ۽ دوکيباز قرار، عالمي اداري جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

هلندڙ سال جي شروعات ۾ هڪ آمريڪي ڪمپني ڀارت سان واسطو رکندڙ ارب پتي گوتم اڏاڻي جي ڪمپنين کي اڪائونٽنگ فراڊ ۽ اسٽاڪ جي هيرا ڦيري ۾ ملوث قرار ڏنو هو.

هاڻي هڪ ڀيرو وري ايشيا جي ٻئي امير ترين شخص جي حوالي سان نيون رپورٽون سامهون آيون آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گوتم اڏاڻي ڪروڙين ڊالرز ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ تي لڳائي  پنهنجا شيئرز خريد ڪيا.

برطانوي اخبار دي گارجين جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو  آهي ته اڏاڻي خاندان جي ويجهن ماڻهن ورهين تائين اڏاڻي گروپ آف ڪمپنيز جا شيئر خريد ڪيا.

رپورٽ موجب، اِهو سلسلو تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن گوتم اڏاڻي ڀارت جي سڀ کان امير شخص طور تيزي سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رهيو هو.

2022ع ۾ گوتم اڏاڻي ڀارت ۽ دنيا جو ٽيون امير ترين شخص بڻجي ويو هو جنهن جي اثاثن جي ماليت هڪ سئو ويهه ارب ڊالرز کان وڌيڪ هئي.

پر هلندڙ سال 25 جنوري تي آمريڪي شارٽ سيلنگ ڪمپني هندن برگ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته اڏاڻي گروپ ڏهاڪن کان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هيرا ڦيري ۽ اڪائونٽنگ فراڊ اسڪيم ۾ ملوث آهي.

رپورٽ ۾ گوتم اڏاڻي لاءِ ڪارپوريٽ  تاريخ جي سڀ کان وڏي دوکيباز جا لفظ به استعمال ڪيا ويا هئا.

هاڻي تازي رپورٽ ۾ آرنگائيزڊ ڪرائم اينڊ ڪرپشن رپورٽنگ پروجيڪٽ ( او سي سي آر پي ) وٽ موجود دستاويزن جو حوالو ڏنو ويو آهي.

انهن دستاويزن ذريعي موريشس مان آف شور فنڊز جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن جو ڪنٽرول ظاهري طور اڏاڻي خاندان جي ويجهن ساٿين کي حاصل آهي.

رپورٽ موجب، آف شور فنڊز کي 2013ع کان 2018ع دوران اڏاڻي گروپ جي ڪمپنين جا شيئرز کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو .

رپورٽ ۾ اِهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اڃا به اِهو آف شور نيٽورڪ ختم نه ٿيو آهي.

دستاويزن مان اشارو ملي ٿوته گوتم اڏاڻي جي وڏي ڀاءَ ونود اڏاڻي آف شور آپريشنز جي حوالي سان مبينا طور تي ڪردار ادا ڪيو هو.

دستاويز موجب، ونود اڏاڻي جي ٻن ويجهن ساٿين جو نالو آف شور ڪمپنين جي مالڪن طور تي لکيل  هو.

رپورٽ ۾ مالياتي رپورٽن ۽ انٽرويوز جي حوالو ڏيندي ٻڌايو ته موريشس جي ٻن آف شور فنڊز جي نگراني دبئي جي هڪ ڪمپني ڪري رهي هئي جنهن کي ونود اڏاڻي جو هڪ ملازم هلائي رهيو هو.

رپورٽ موجب ان  انڪشاف سان ڀارتي وزيرِ اعظم نريندر مودي تي به اثر پوندا جنهن جا گوتم اڏاڻي سان پراڻا لاڳاپا آهن.

برطانوي اخبار ٻڌايو ته سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچئينج  بورڊ آف انڊيا ( ايس اي بي آءِ ) کي 2014 جي شروع ۾ اڏاڻي گروپ جي شڪي اسٽاڪ مارڪيٽ سرگرمين جا ثبوت حوالي ڪيا ويا هئا، پر ڪجهه مهينن کانپوءِ نريندر مودي وزيرِاعظم بڻجي ويو ته حڪومتي ريگوليٽرز جي ان معاملي تي دلچسپي نه ڏيکاري.

ٻئي پاسي اڏاڻي گروپ ان رپورٽ ۾ مڙهيل الزامن جي ترديد ڪئي آهي.

اڏاڻي گروپ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته  هو هندن برگ رپورٽ ۾ مڙهيل بي بنياد الزامن کي رد ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.