سانا طرفان محقق گل حسن ڪلمتي لاءِ ايوارڊ، خاندان کي 18 لک رپيا به ڏنا ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (SANA) پاران سنڌي محقق ۽ اسڪالر گل حسن ڪلمتي جي ڌيءَ ماهين حسن کي سندس والد جي تحقيقي ڪم جي مڃتا لاءِ ڏنل ”لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ سان گڏ 18 لک 65 ھزار رپين جو چيڪ به ڏنو ويو.
سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۽ شاهه لطيف چيئر پاران ڏنل استقباليه تقريب ۾ مرحوم ڪلمتي جي ڌيءَ کي ايوارڊ سان گڏ ڪيش چيڪ پڻ پيش ڪيو.
سنڌي شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ناهيد ميمڻ ۽ شاهه لطيف چيئر جي چيئرمين سليم ميمڻ سانا جي صدر جو ڪراچي يونيورسٽي اچڻ تي استقبال ڪيو ۽ سانا جي سنڌ جي عوام لاءِ ڪيل خدمتن کي ساراهيو.
سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو مرحوم گل حسن ڪلمتي جي تحقيقي ڪم کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڪلمتي جهڙن اسڪالرن کي عزت ڏيڻ سماج جي ذميواري هجڻ گهرجي، انهن وقتائتي ڪردار ۽ ڪم جي ڪري ٻولي، ادب ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائي آھي.
استقباليه ۾ استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جڏهن ته گل حسن ڪلمتي جو خاندان موجود ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.