رولو ڪتي جو پوليس اهلڪار تي حملو، اسپتال منتقل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ پوليس لائنز هيڊ ڪوارٽر ۾ رولو ڪتي پوليس اهلڪار کي ڏاڙهي وڌو.
ڪتي جي چڪڻ سان پوليس اهلڪار کي ڄنگهه ۽ پيٽ تي زخم آيا، جڏهن ته ٻين اهلڪارن ڪتي کي ڀڄائي پوليس اهلڪار کي وڌيڪ زخمي ٿيڻ کان بچائي ورتو.
پوليس اهلڪار کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو، جڏهن ته ايليٽ اهلڪار گولي هڻي ڪتي کي ماري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.