لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران چئن عورتن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو پر پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
پوليس موجب غالب مارڪيٽ ۾ نائين جماعت جي شاگردياڻي سان جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ٻن جوابدارن سوشل ميڊيا تي دوستي کانپوءِ شاگردياڻي کي ٻاهرئين ملڪ نوڪري ڏيارڻ جو ڏٽو ڏنو هو.
فيصل ٽائون ۾ به نوڪري جو ڏٽو ڏئي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪئي وئي، جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جوابدار محبوب ساٿي سان گڏجي ڇوڪريءَ کي نوڪري جو ڏٽو ڏنو هو.
مناوان ۾ پئسا واپس ڏيڻ بهاني جوابدار عورت سان لڄالٽ ڪئي، مصري شاهه ۾ به نوڪري جو ڏٽو ڏئي پرڻيل عورت کي هوس جو نشانو بڻايو ويو، پوليس موجب جوابدار لياقت عورت کي گرلز هاسٽل ۾ نوڪري جو ڏٽو ڏنو هو.
پيش آيل سڀني واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن پر اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.
You might also like