ايشيا ڪپ ۾ نيپال خلاف کيڏيل افتتاحي ميچ ۾ بابر اعظم جي 151 رنسن جي شاندار اننگز تي جتي ڪرڪيٽ شوقين بابر جي واکاڻ ڪندي نظر اچي رهيا آهن اتي ڀارت جي اسپورٽس تجزيي نگار به پاڪستاني ڪپتان جي شاندار اننگز سميت ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو..
ڀارتي صحافي وڪرانت گپتا هڪ شو دوران ميزبانن کان بابر اعظم جي شاندار اننگز بابت پڇاڻو ڪيو ۽ چيو ته بابر اعظم جو ون ڊي ڪيريئر ڏٺو وڃي ته کيس پاڪستان لاءِ رنسون ٺاهڻ جي مشين چئي سگهجي ٿو.
هن چيو ته اِهو وساري ڇڏيو ته باب رجي سامهون ڪهڙي ٽيم هئي، اِهو ڏسو ته بابر جي آخري سئو رنسون 57 بالن تي آهن جنهن تي بنا هٻڪ چئي سگهجي ٿو رنسون ٺاهڻ جو فن ڄاڻي ٿو.
ڀارتي صحافي چيو ته ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ ٽيم جي پهرين ميچ خدشن سان ڀريل هوندي آهي پر بابر پنهنجي پهرين ميچ ۾ سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهي ڇڏيون.
وڪرانت گُپتا ڪپتان جي واکاڻ ڪندي چيو ته ايشيا ڪپ کي جهڙي اوپننگ گهربل هئي اِها ملي وئي آهي، ميچ جي شروعات ۾ ميدان ۾ به گرمي سبب رش نه ئي پر بابر جي ڪارڪردگي سان اسٽيديم ڀرجي ويو.
سندس چوڻ هوته ستر کان اسي سيڪڙو ماڻهو بابر جي پرفارمينس سبب پهتا، بابر اعظم پنهنجي شاندار بيٽنگ سان ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
وڪرانت چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪارڪردگي ۽ بابر پنهنجي 151 رنسن سان ڀارتي بيٽرن پوءِ ڀلي اِهو ويرات ڪوهلي هجي يا روهت شرما، کين سمجهائي ڇڏيو آهي ته اِهو ڏسي مقابلو ڪجو.
ڀارتي صحافي وڌيڪ چيو پاڪستان پهرين ڪاميابيءَ سان ٽيمپو سيٽ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڀارتي ٽيم اڃا تائين ٻڏتر جو شڪار آهي، ٻئي پاسي پاڪستان ٽيم جو بيٽنگ ۽ بالنگ آرڊر ٻئي سيٽ آهن.