مائرن جو ڏينهن: ماءُ ناهي ته ڇا ٿيو پيءُ ماءُ بڻجي اچي ويو

مائرن جو ڏينهن: ماءُ ناهي ته ڇا ٿيو پيءُ ماءُ بڻجي اچي ويو

ٿائلينڊ ۾ مائرن جو ڏهاڙو ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ هڪ پيءَ پنهنجي ڌيءَ کي خوش ڏسڻ لاءِ ماءُ جي روپ اختيار ڪري سندس اسڪول پهتو .

ماءُ قدرت طرفان عطا ڪيل اهڙو املهه تحفو آهي جنهن جي ڪو به برابري نٿو ڪري سگهي، پر شفقت ۾ پيءُ به ماءُ کان گهٽ ناهي، ٻارن جي ننڍي ننڍي خواهش جي پورائي لاءِ پيءُ به پنهنجي زندگي خرچ ڪري ڇڏيندو آهي.

سموري دنيا ۾ مائرن جو عالمي ڏهاڙو اٺ مئي تي ملهايو ويندو آهي پر ٿائيلينڊ ۾ اِهو ڏينهن ٻارنهن آگسٽ تي ملهايو ويندو آهي.

هلندڙ سال به ٿائيلينڊ ۾ مائرن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مدرز ڊي ملهايو ويو، جنهن ۾ هڪ پيءُ عورت جو لباس پهري پنهنجي ڌيءَ جي اسڪول اچي پهتو کيس اهڙي روپ ۾ ڏسي سڀ دنگ رهجي ويا ۽ ڌيءَ سان محبت جي جذبي کي سڀني ساراهيو.


پراچيا ديبو جيڪو پنهنجي نياڻي جي اڪيلي پرورش ڪري رهيو آهي، جڏهن کيس خبر پئي ته اسڪول ۾ مدرز ڊي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي آهي.
هن سوچيو مائرن جي عالمي ڏهاڙي تي سندس ڌيءَ کي امڙ جي ڪمي محسوس نه ٿئي هن پاڻ ئي ماءُ جو روپ اختيار ڪري ورتو.
پراچيا عورت جو لباس پهريو، وارن ۾ وگ لڳائي ۽ ڌيءَ جي اسڪول ڏانهن نڪري پيو ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ڌيءَ سان محبت جي اظهار جي ان انوکي ڪاوش جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي، سوشل ميڊيا واهپيدار پاران پيار جي اظهار لاءِ اهڙي عمل جي چونڊ ڪرڻ تي پاراچيا جي واکاڻ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.