ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قائد اعظم جي مزار جي داخلا فيس وصول ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مزار جي ريزيڊنٽ انجنيئر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قائد اعظم جي مزار جي داخلا فيس خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس فيس وصولي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ڪهڙي قانون تحت داخلا فيس ورتي پئي وڃي؟
چيف جسٽس احمد علي شيخ پڇاڻو ڪيو ته انٽري فيس جي نالي تي ورتل پئسو ڪٿي خرچ ٿيندو آهي؟ آڊٽ رپورٽ آهي؟ جيڪڏهن فيس وفاقي حڪومت مقرر ڪئي آهي ته اها نظرثاني ڪري.
سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته 30 رپيا في ورتي ويندي آهي، جيڪا مزار تي انتظامن تي ئي خرچ ٿيندي آهي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته مزار جو ايڊمنسٽريٽر ڪير آهي؟ فيس جو ليٽر ڪنهن جاري ڪيو؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته ايڊمنسٽريٽر مئنيجمينٽ بورڊ جو چيئرمين هوندو آهي پر نئين مقرري اڃا ٿيڻي آهي.
چيف جسٽس چيو اڇا ته قائد اعظم جي مزار الله جي آسري هلي رهي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ قائد اعظم جي مزار جي ريزيڊنٽ انجنيئر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
You might also like