سعودي عرب پاڪستانين جي کاڌي پيتي ۽ رهائش سميت ٻيون ذميواريون کڻي ورتيون

سعودي عرب جو شاهه سلمان رليف سينٽر سال 24-2023 دوران اسلامي جمهوريا پاڪستان ۾ ڪيترائي امدادي منصوبا مڪمل ڪندو، انهن منصوبن ۾ غذائي امداد، سياري ۾ شيلٽر بيگز ۽ ٻئي ڪيتري ئي تعميراتي سامان جي فراهمي شامل آهي.
شاهه سلمان رليف سينٽر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب رليف سينٽر جي هڪ ذميوار تصديق ڪئي آهي ته سال 24-2023 لاءِ 36 ملين سعودي ريال (79 ڪروڙ 41 لک 52 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جي فوڊ سيڪيورٽي رليف پراجيڪٽ مان هڪ لک 5 هزار خاندان يا 7 لک 35 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪندا.
فوڊ سيڪيورٽي پراجيڪٽ ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ 4 مرحلن ۾ سڄو سال هڪ لک 5 هزار فوڊ باسڪٽ ورهايا ويندا، هڪ فوڊ باڪسٽ ۾ 80 ڪلو اٽو، 5 ڪلو کنڊ، 5 ڪلو چڻن جي دال، 5 ليٽر ڪوڪنگ آئل شامل آهي، جيڪو هڪ خاندان لاءِ هڪ مهيني لاءِ ڪافي آهي.
منصوبي جي پهرئين مرحلي ۾ 26 هزار 4 سئو فوڊ باسڪٽ ورهائجي چڪا آهن، جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آگسٽ ۽ سيپٽمبر دوران 32 هزار 4 سئو فوڊ باسڪٽ ورهائڻ جو عمل جاري آهي.
شاهه سلمان رليف سينٽر سياري جي مند دوران مختلف علائقن ۾ ٿيلها فراهم ڪندو، ان منصوبي سان فائدو کڻندڙن جو ڪُل انگ هڪ لک 75 هزار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.