سڀني کان پلاند وٺندس، ٽرمپ جو سياسي مخالفن کي چتاءُ

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا  جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ٻيهر صدر ٿيس ته سياسي دشمنن سان اهو ئي ڪندو جيڪو هن وقت ساڻس ڪيو پيو وڃي.

پنهنجي بيان ۾ آمريڪا  جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊيموڪريٽس کي وارننگ ڏني.

هليري ڪلنٽن کي پنهنجي اقتدار ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي سوال جو جواب ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هاڻي وٽس ٻي ڪابه چوائنس ناهي.

اڳوڻي آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس خلاف سمورن ڪيسن جي پويان صدر جوبائيڊن جو هٿ آهي.

واضع رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ مٿان 2020 جي اليڪشن خراب ڪرڻ ۽ ڳجها دستاويز پاڻ وٽ رکڻ جا الزام آهن.

ڊونلڊ ٽرمپ سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو ته کيس سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.