ڪراچي (ويب ڊيسڪ) 2023ع جو سڀ کان روشن ۽ وڏو چنڊ آگسٽ جي پڄاڻي تي لهي ويندو ۽ اهو هڪ ناياب خلائي ايونٽ به آهي.
حقيقت ۾ اهڙو نظارو ٻيهر ڏسن لاءِ ڪيترن ئي سالن تائين انتظار ڪرڻو پوندو.
31 آگسٽ جي رات جو آسمان تي چمڪندڙ چنڊ کي سپر بليو مون چيو ويندو.
جڏهن چنڊ زمين جي سڀ گھڻو ويجهو ٿي ويندو آهي ته اهو معمول کان وڏو ۽ روشن نظر ايندو آهي ۽ ان کي سپر مون چيو ويندو آهي.
ٻئي پاسي بليو مون مان مراد اها ناهي ته چنڊ جو رنگ نيرو ٿي ويندو پر انگريزي مهيني ۾ ٻئين نظر ايندڙ چوڏهينءَ جي چنڊ کي بليو مون چيو ويندو آهي.
31 آگسٽ تي اڀرندڙ سپر مون هن مهيني ۾ ٻيو مڪمل چنڊ هوندو تنهنڪري ان کي بلو مون چيو ويندو.
ان کان اڳ سڄي دنيا ۾ ماڻهن کي پهرين آگسٽ تي سپر مون ڏسڻ جو موقعو مليو هو.
سپر بلو مون معمول کان 7.2 سيڪڙو وڏو ۽ 15.7 سيڪڙو وڌيڪ روشن نظر ايندو.
حقيقت ۾ 31 آگسٽ جو سپر مون هن سال جو سڀ کان روشن چنڊ به هوندو جيڪو نيرو ته ناهي پر هلڪو نارنگي ضرور نظر اچي سگھي ٿو.
ان کان اڳ آخري ڀيرو سپر بلو مون 5 سال اڳ 2018ع ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو پر ان وقت هلڪو ڳاڙهو هو ڇو جو ان موقعي تي چنڊ گرهڻ به ٿي هئي.
اهڙيءَ طرح جي چنڊ کي سپر بلو بلڊ مون چيو ويندو آهي.
هن مهيني جو سپر بلو مون ان ڪري به خاص آهي ڇو جو ان کان پوءِ اهڙو نظارو ڏسڻ لاءِ جنوري 2037ع تائين انتظار ڪرڻو پوندو.