ريل گاڏي ٽريڪ تي ڪم ڪندڙ مزدورن مٿان چڙهي وئي، 11 ڄڻا اجل جو شڪار

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ تيز رفتار ريل گاڏي ٽريڪ تي ڪم ڪندڙ ريلوي مزدورن تي چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
اهو افسوسناڪ واقعو چيني صوبي يونان ۾ پيش آيو، جتي ٽرين جي ٽڪر ۾ 11 ريلوي ملازم فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
اختيارين موجب آزمائشي ٽرين جيڪا زلزلو ماپيندڙ سامان کي جاچڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي هئي، هڪ موڙ ڪاٽيندي موجود ملازمن تائين ٽڪرائجي وئي.
اختيارين ٻڌايو ته ريلوي لائن بحال ڪئي وئي آهي ۽ حادثي جي جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.