همايون کي ڇيڙ ڇاڙ جي عادت آهي، اسان رڳو دوست آهيون: مهوش حيات

هيوسٽن (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته همايون سعيد فلرٽ ناهي ڪندو ۽ سندس مذاق ۽ ڇيڙڇاڙ واريون حرڪتون رڳو دوستاڻي ماحول ۾ ٿينديون آهن.
مهوش حيات اڄڪلهه سيليبريٽي ڪرڪيٽ ليگ (پي سي سي ايل) جي سلسلي ۾ آمريڪي شهر هيوسٽن ۾ موجود آهي، جتي ٻيون پاڪستاني شوبز شخصيتون پڻ پهتل آهن.
تازين ملاقاتن ۽ مداحن سان ڳالهه ٻولهه دوران مهوش حيات همايون سعيد جي مزاج ۽ فلرٽنگ بابت تفصيل سان ويچار ونڊيا، اداڪارا چيو ته همايون سعيد فلرٽ ناهي ڪندو، پر هو مزاحيه طبعيت جو ماڻهو آهي.
مهوش حيات موجب، جڏهن هوءَ، همايون سعيد ۽ نديم بيگ ڪنهن سيٽ تي ڪم ڪندا آهن ته ٽيئي مزاحيه انداز ۾ هڪ ٻئي سان ڇيڙڇاڙ ڪندا آهن، جنهن کي ڀوڳن جي ٽه مورتي چئي سگهجي ٿو.
اداڪارا چيو ته انڊسٽريءَ ۾ ڊگهي عرصي تائين گڏ ڪم ڪرڻ سبب دوستاڻا لاڳاپا قائم ٿي ويندا آهن ۽ سڀ ڪجهه دوستي جي دائري ۾ ٿيندو آهي.
هن وضاحت ڪئي ته هي سڀ تفريح لاءِ آهي، اسان جي وچ ۾ هڪ سٺو دوستاڻو تعلق آهي، هو هڙئي شادي شده ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن وارا آهن.
مهوش حيات واضح ڪيو ته اسان رڳو دوست آهيون، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ناهي ۽ سيٽ تي اسان مذاق ڪندا رهون ٿا.
اداڪارا همايون سعيد فلرٽنگ جي لحاظ کان سڀ کان مٿانهون، احسن خان ٻئي نمبر تي، فهد مصطفيٰ ٽئين نمبر رکيو، جڏهن ته اظفر رحمان کي پنهنجو سڀ کان ويجهو دوست قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.