ثنا گراماڻي کي وڪرو ڪرڻ جو الزام، پير سهيل سميت 6 ڄڻن تي ڪيس داخل

راڻي پور (ويب ڊيسڪ) راڻي پور جي هڪ ٻي حويلي مان گم ٿيل ثنا گراماڻي جي اغوا جو ڪيس پير سهيل شاهه سميت 6 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي.
راڻي پور جي حويلي مان گم ٿيل 20 ورهين جي ثنا گراماڻي جي پيءَ جي فرياد تي پير سهيل شاهه سميت 6 ڄڻن تي ناري کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
گراماڻي خاندان راڻي پور جي پير سهيل شاهه تي الزام هنيو آهي ته هنن ناري امانت طور حوالي ڪئي هئي ۽ حويلي ۾ رکڻ جي گذارش ڪئي هئي، اسان جي ڇوڪري ڪيترن ئي مهينن کان حويلي مان گم آهي.
گم ٿيل نينگري ثنا گراماڻي جي وارثن جي درخواست تي ڪيس راڻي پور ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.