ملتان ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ملتان ۾ هڪ اسپيشل فيملي سان ملاقات ڪئي ۽ کين پنهنجي صحيح ٿيل جرسي به تحفي ۾ پيش ڪئي.
گذريل ڏنهن پاڪستان ۽ نيپال وچ۾ ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ کيڏي وئي جنهن ۾ پاڪستان نيپال کي 238 رنسن تان شڪست ڏني هئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سوشل ميڊيا تي بابر اعظم جي ميچ کانپوءِ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هڪ اسپيشل فيملي سان ملاقات جي وڊيو شيئر ڪئي آهي.
Connecting with the fans 👏
Babar Azam and Mickey Arthur share a post-victory moment with fans in Multan.#PAKvNEP | #AsiaCup2023 pic.twitter.com/JhuhzNWSHo
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) August 31, 2023
پي سي بي طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ ڊائريڪٽر ڪوچنگ اسٽاف مڪي آرٿر هڪ خاص ڪٽنب سان ملاقات ڪري رهيا آهن.
ان موقعي تي بابر اعظم ۽ مڪي آرٿر اسپيشل فيملي جون جرسيون به تحفي ۾ ڏنيون، بابر اعظم اسپيشل فيملي کي ٻڌايو ته جرسي تي سندس صحيح به موجود آهي، جنهن تي اسپيشل جوڙي ۽ سندن ٻارن قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ مڪي آرٿر جا ٿورا مڃيا.