سون جي اگهه ۾ اڄ به هزارين رپيا واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3400 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي نئين قيمت ٻه لک 39 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2915 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 5 هزار 590 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 7 ڊالر واڌ سان 1945 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.