ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ضمانت ملڻ تي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.
پوليس حليم عادل شيخ کي گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ کيس اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
پوليس 9 مئي بابت ڪيس ۾ حليم عادل شيخ جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي تحريڪ انصاف اڳواڻ کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ضمانت ملڻ کانپوءِ عدالت مان نڪرندي ئي پريڊي ٿاڻي جي پوليس حليم عادل شيخ کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب حليم عادل شيخ خلاف گذريل ڏينهن پريڊي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيو هو، جنهن ۾ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، پوليس تي حملي جا قلم شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته ڪيس جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن حليم عادل شيخ جي گرفتاري دوران پوليس تي لٺين ۽ ڏنڊن سان حملو ڪيو ويو.
Next Post
You might also like