ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميرپورخاص ميٽرڪ جي سالياني امتحاني نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ميرپورخاص بورڊ طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب ڏهين جماعت لاءِ سائنس گروپ ۾ ڪاميابي جي شرح 95.81 سيڪڙو رهي، جڏهن ته جنرل گروپ ۾ 73.54 سيڪڙو شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪامياب رهيون.
نتيجن موجب سائنس گروپ ۾ پهريون ٽئي پوزيشنز ميرپورخاص ضلعي جي حصي ۾ آيون، جڏهن ته جنرل گروپ ۾ ٻي ۽ ٽين پوزيشن ٿرپارڪر جي ڳوٺ کيمي جو پار جي شاگردن حاصل ڪيون.
You might also like