ايشيائي ڪرڪيٽ ٽيم جو مها ميلو شروع ٿي چڪو آهي، ان ڏس ۾ اڳوڻن ڪرڪيٽرن ميگا ايونٽ جي فائنلسٽ ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪئي آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ايِ ايس پي اين ڪرڪ انفو سان ڳالهائيندي ڀارت جي ليجنڊري اسپنر انيل ڪامبلي 17 سپٽيمبر تي رٿيل فائنل لاءِ روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
هن چيو ته اِها اهڙي شيءِ آهي جيڪا اسان سڀ چاهيون ٿا، ڀارت ۽ پاڪستان ٽورنامينٽ جون ٻه بهترين ٽيمون آهن ۽ مان نٿو سمجهان ڪا ٻي ٽيم انهن جي فائنل ۾ پهچڻ ۾ خلل پيدا ڪري سگهي ٿي.
اڳوڻي ڀارتي اوپنر وسيم جعفر به اهڙن ئي خيالن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ايشاي ڪپ جي تاريخ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان ڪڏهن فائنل ناهي کيڏيو.
وسيم جعفر چيو ته هر ڪو چاهي ٿو ته ڀارت ۽ پاڪستان جو فائنل ٿئي پر ايشيا ڪپ جي تاريخ ائين ڪڏهن ناهي ٿيو، تنهنڪري مان به پاڪ ڀارت فائنل ڏسڻ پسند ڪندس.
ان کانسواءِ پاڪستان جي اڳوڻي اسپنر ۽ مشهور ڪامينٽيٽر عروج ممتاز جو به خيال آهي ته ايشيا ڪپ جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جو اهم مقابلو ٻه سپٽيمبر تي پالي ڪيلي ۾ شيڊيول آهي جڏهن ميگا ايونٽ جو فائنل 17 سپٽيمبر تي کيڏيو ويندو.