ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل ڪراچي ملڪ ريٽيلرز ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان سومر کان ڪراچي ۾ کليل کير جو وڪرو بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آل ڪراچي ملڪ ريٽيلرز ويلفيئر ايسوسيئيشن کير جا اگهه وڌائڻ لاءِ پريس ڪلب تي احتجاج ڪيو، اڳواڻن انتظاميا کي الٽيميٽم ڏنو ته کير جي اگهه بابت فيصلو ڪيو وڃي.
هنن سومر کان ڪراچي ۾ کليل کير جو وڪرو بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، سندن چوڻ هو ته ڊيري فارمرز کان مهانگو کي خريد ڪري سستو نٿا کپائي سگهون، انتظاميا کي ٽن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏئي رهيا آهيون.
اڳواڻن چيو ته ڊيري ڊيري فارمرز في ليٽر کير 214 کان 218 رپين ۾ ڏئي رهيا آهن، دڪاندارن کي في ليٽر تي 20 رپين جو مارجن ملڻ گهرجي.
ملڪ ريٽيلرز چيو جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته 12 کان 15 هزار دڪان کير جي خريداري بند ڪري ڇڏيندا.
You might also like