ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي جي زمينن کان ليز جي مد ۾ ريڪوري جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ لينڊ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لانڍي ڪيٽل ڪالوني ۾ ليز جي مد ۾ ريڪوري جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم اي جي زمينن کان ليز جي مد ۾ ريڪوري جو فيصلو ڪيو آهي، لانڍي ڪيٽل ڪالوني مان ليز جي مد ۾ ريڪوري جي شروعات ڪئي وڃي.
هن چيو ته 72 ايڪڙ تي ٻڌل لانڍي ڪيٽل ڪالوني ۾ مختلف سائز جا 619 پلاٽ موجود آهن، لينڊ کاتو ڪي ايم سي جي زمين کي فوري طور ريگيولرائز ڪري.
سندس چوڻ هو ته زمينن جي ليز مان حاصل ٿيندڙ رقم شهر جي بهتري تي خرچ ڪئي ويندي.
Prev Post
You might also like