پنج ماڙ عمارت کي خوفناڪ باهه، 73 ڄڻا سڙي فوت، ڪيترائي زخمي

جوهانسبرگ ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ ۾ پنج ماڙ عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 73 ڄڻا سڙي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، جوهانسبرگ ۾ عمارت ۾ لڳل باهه تي ظابطو آندو ويو ، جڏهن ته ڪولنگ جو عمل جاري آهي ۽ انتظاميا طرفان باهه لڳڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جو عمل جاري آهي.

مقامي ميڊيا موجب، ڏکوئيندڙ واقعي ۾ 73 ڄڻا فوت ۽ 52 زخمي ٿيا، فوتين ۾ ست ٻارڙا به شامل آهن.

جوهانسبرگ ايمرجنسي مئنيجمينٽ سروس جي ترجمان موجب، مقامي وقت موجب رات ڏيڍ وڳي عمارت ۾ باهه لڳي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عمارت کي وڪوڙي وئي.

ريسڪيو اختيارين موجب، واقعي ۾ اٽڪل 50 متاثرن کي طبي امداد ڏني وئي آهي ۽ عمارت ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.

مقامي ماڻهن جو چون آهي ته متاثر عمارت ۾ بي گهر ماڻهو رهندڙ هئا ۽ باهه لڳڻ وقت اٽڪل ٻه سئو ماڻهو بلڊنگ اندر موجود هئا.

ايمرجنسي مئنيجمينٽ سروس جي سربراهه رابرٽ ملاودزي جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي ويهه سالا پيشيوراڻي زندگيءَ ۾ اهڙي ڀوائتي باهه ناهي ڏٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.