ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
اسٽار اسپورٽس طرفان بابر اعظم جي انٽرويوءَ جي وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هن ويرات ڪوهليءَ بابت خيالن جو اظهار ڪندي چيو جڏهن ڪير اوهان جي واکاڻ ڪندو آهي ته سٺو محسوس ٿيندو آهي.
بابر چيو ته ويرات ڪوهلي مون بابت جيڪي ڪمينٽس ڏنا، اِهو مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، ويرات طرفان ساراهه ڪرڻ تي سٺو لڳو، ڪجهه شيون اوهان کي ملنديون آهن يا ڪير اوهان جي ساراهه ڪندو آهي ته اوهان کي اعتماد ملندو آهي.
Beyond rivalries and runs, lies a foundation of respect! 🤝💙@babarazam258‘s touching encounter with @imVkohli echoes the sentiment of mutual regard that cricket fosters. 🇮🇳🇵🇰 pic.twitter.com/YStrJsGDYU
— Star Sports (@StarSportsIndia) August 31, 2023
قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته جڏهن ويرات ڪوهلي سان 2019ع ۾ ملاقات ٿي تڏهن جو پنهنجي عروج تي هو ۽ هو اڄ به عروج تي آهي، ان وقت مان سوچي رهيو هيس ته ويرات کان ڪجهه سکان ۽ وٽانس سکڻ جو موقعو به مليو.
بابر جو چوڻ هوته مون پنهنجي بيٽنگ ٽينيڪ سڌارڻ بابت کائنس جيڪي سوال پڇيا هن سٺي انداز ۾ انهن جو جواب ڏنو، هن جي ڳالهين تي عمل ڪري اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملي.
هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جا تبصرا جڏهن اوهان هڪٻئي جي باري ۾ ڪندا آهيو ته سٺو لڳندو آهي.