اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪري سگهجي ٿو.
گذريل ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر اجا سلطان سان اي اين پي، بي اي پي ۽ بي اين پي جي وفدن ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته ممڪن آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اليڪشن شيڊيول جو اعلان ڪيو وڃي.
ٻئي پاسي ملاقات دوران اي اين پي چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته چونڊون آئين پٽاندڙ نوي ڏينهن جي اندر ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين کان اڳ پارٽين سان مشاورت ڪرڻ گهرجي ها، هن وقت نين تڪبندين جي ضرورت نه هئي.