رپئي جو اگهه وڌيڪ گهٽجڻ سان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت ٻاڙائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رپئي جو اگهه وڌيڪ گهٽجڻ ۽ وياج جي شرح وڌڻ جي خدشي سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران سخت ٻاڙائي رهي.
اڄ ڪاروبار جي شروعات سان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊڪيس ۾ ٻاڙائيءَ جو رجحان ڏٺو ويو ۽ هڪ موقعي تي انڊيڪس 1774 پوائنٽون گهٽجي 44470 تي پهچي ويو، اڄ ڪاروبار ۾ ساڍا 3 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ڏٺي وئي.
ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1242 پوائنٽن جي گهٽتائي کانپوءِ 45 هزار 2 پوائنٽن تي بند ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.