ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو آهي ته ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ۾ سياستدان هجي يا ڪو ٻيو ، ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين، رينجرز جي مدد سان ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي انجام تي پهچايو ويندو، سردار ڌاڙيلن جي پاٿاريداري ڪندا آهن سنڌ ۾ پرچي وارا آفيسر مقرر نه ٿيندا،نجي ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سميت سنڌ پوليس ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز تبديل ڪيا ويندا، آفيسرن جي مقررين بابت پرچيون آيون آهن، پرچي وارا آفيسر نه لڳايا ويندا اسان جا ڪي به سياسي مفاد نه آهن،راڻيپور جي حويلي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو ڪيس بابت ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، هن ڪيس ۾ ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، وارث ٺاهه ڪندا ته پوليس شاهه رخ ڪيس وانگر پاڻ مدعي بڻجي ويندي
-
معدني ذخيرا ڪڍڻ سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا: خدابخش مري
حيدرآباد(رپورٽر) مائنز اينڊ منرلز بابت نگران صوبائي وزير ميرخدا بخش مري چيو آهي ته اسان معدنيات جي ذخيرن مان فائدو حاصل ڪندي نه فقط پاڻڀرو ٿي سگهون ٿا پر ان سان قرض وٺڻ بجاءِ اسان قرض ڏيڻ جي قابل ٿي وينداسين. معدني ذخيرا ڪڍڻ سان روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا جنهن سان بيروزگاري جي خاتمي ۾ پڻ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه غير قانوني مائننگ ٿي رهي هئي جنهن کي اسان بند ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته غيرقانوني مائننگ ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي هو اربع ڏينهن حيدرآباد ۾ ڊويزنل ڪمشنر آفيس جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته نگران حڪومت جو ڪم فقط چونڊون ڪرائڻ آهي پر کاتن جي معمول وارن ڪمن کي پڻ جاري رکڻو آهي. هڪ سوال تي هن چيوته تمام جلد هو ڪارونجهر جو دورو ڪندو جتي قومي ۽ بين الاقوامي ميڊيا کي پڻ مدعو ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مونکي ملڪ ۽ صوبي جي ترقي لاءِ ميڊيا جي سهڪار جي ضرورت آهي. هڪ سوال تي هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪل 27 مائنزآهن.