هيلسنڪي (ويب ڊيسڪ) يورپي ملڪ فن لينڊ طرفان دنيا جي پهرين ڊجيٽل پاسپورٽ کي متعارف ڪرايو ويو آهي.
فن لينڊ طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته هيلسنڪي ايئرپورٽ ۾ دنيا جي پهرين ڊجيٽل سفري دستاويز جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
اها آزمائش 28 آگسٽ 2023ع کان فيبروري 2024ع جي آخر تائين جاري رهندي.
فن ايئر، پوليس ۽ ايئرپورٽ ڪمپني Finavia جي سهڪار سان ڊجيٽل پاسپورٽ جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
ان مقصد لاءِ فن ايئر جي ذريعي هيلسنڪي کان لنڊن، مانچسٽر ۽ ايڊنبرگ وڃڻ يا وتان واپس ايند مسافرن کي ڊجيٽل ٽريول Credentials (ڊي ٽي ايس) پائلٽ پراجيڪٽ جو حصو بڻجڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.
ان پائلٽ پراجيڪٽ جي تحت مسافرن کي قطارن ۾ لڳڻ کانسواءِ سرحدن کي پار ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
ڊي ٽي سي بنيادي طور تي فن لينڊ جي پاسپورٽ جو ڊجيٽل ورجن آهي ۽ فن لينڊ بارڊر گارڊ طرفان ويب سائٽ موجب ان جي ذريعي سيڪيورٽي سان سوديبازي ڪرڻ کانسواءِ پرڏيه سفر تيزي سان ممڪن ٿي سگھندو.
فن لينڊ کان ويندڙ ۽ واپس ايندر مسافرن کي ان لاءِ بارڊر گارڊ جي ويب سائٽ تي وڃي پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرڻو پوندو.
ان ويب سائيٽ تان مسافر ڊي ٽي سي لاءِ تيار ڪيل ايپ ڊائونلوڊ ڪندا.
مسافرن کي برطانيا جو سفر ڪرڻ کان 4 کان 36 ڪلاڪن اڳ پوليس ۾ رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ بارڊر گارڊ کي ڊيٽا موڪلڻ ضروري هوندو.
اختيارين موجب ڊي ٽي سي کي بارڊر ڪنٽرول جي طور تي ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي ۽ ائين دنيا ۾ پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي.
اختيارين جو چوڻ هو ته ڊجيٽل پاسپورٽ هڪ عام پاسپورٽ جيترو ئي اعتبار جوڳو آهي.
يورپين يونين طرفان به فن لينڊ کي ان پاسپورٽ پراجيڪٽ لاءِ 23 لک يورو فراهم ڪيا ويا آهن ۽ جلد ڪروشيا ۾ به ان جي آزمائش شروع ٿيندي.
You might also like