پيٽرول جي اگهه ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟ ڳڻتيءَ جوڳي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جو تياريون جاري آهن، رپئي جي اگهه ۾ گهٽتائي سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ پهرين سيپٽمبر کان واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 10 رپين تائين واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اگهن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت سان ڪندي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.