ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالت شاهراهه فيصل تي ايندڙ شينهن کي قيد ڪرڻ ۽ مالڪ کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي وائلڊ لائف پوليس جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
عدالت سڀني جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي ٻه – ٻه لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
ان کان اڳ ٻڌڻي شروع ٿي ته گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، وڪيل چيو ته شينهن 7 مهينن جو ٻار آهي، جنهن تي سيشن جج شاهد علي سوال ڪيو ته پوءِ شينهن کي توهان جي هنج ۾ ويهاري ڇڏيون؟
وڪيل چيو گرفتار جوابدار ويچارا ٻار آهن، جج چيو ڇا اهي 5 مهينن جا ٻار آهن؟ شينهن کي وٺي ويندڙ گاڏي کي فوري طور بند ڪيو وڃي.
عدالت شينهن جي مالڪ کان پڇيو ته توهان جو فارم هائوس آهي، ان جو نالو ڇا آهي؟ مالڪ جواب ڏنو ته فارم هائوس جو ڪو نالو ناهي.
You might also like