سنڌ ۾ مليريا جا راڱا جاري، اسپتالون مريضن سان سٿجي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مليريا تي ضابطو نه اچي سگھيو مختلف شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ مليريا جا راڱا جاري آهن.

سنڌ جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ مليريا جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن جڏهن ته مليريا جي ٽيسن جي هاڪاري شرح ۾ به ڳڻتي جوڳي واڌ ٿي آهي جنهن سبب اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن.

سرڪاري اسپتالن ۾ مليريا جي دوائن جي دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جنهن سبب مريض خانگي اسپتالن جو رخ ڪري رهيا آهن.

مڇر مار  اسپري نه ٿيڻ ڪري مليريا وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي، متاثرن پاران صحت کاتي کان هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.