آفريقي ملڪ گبون ۾ فوجي بغاوت، صدر نظربند

آفريقي ملڪ گبون ۾ فوج اقتدار تي قبضو ڪري صدر کي نظر بند ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب فوجي جي سينيئر قيادت سرڪاري ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي چيو ته فوج سمورا اختيار حاصل ڪري ورتا آهن ۽ چونڊن کي معطل ڪيو ويو آهي.

گبون جي فوجي قيادت چيو ته هاڻوڪيون چونڊون اعتبار جوڳيون نه هيون ان ڪري انهن کي معطل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سڀني رياستي ادارن کي ٽوڙي ملڪي سرحدن کي به بند ڪيو ويو آهي.

فوجي قيادت جو چوڻ هو ته هو ملڪ جي سڀني سيڪيورٽي ۽ بچاءَ وارين فورسز جا نمائيندا آهن جڏهن ته گبون جي ماڻهن جي نالي پيغام آهي ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته ان حڪومت جو خاتمو ڪري امن جو دفاع ڪنداسين.

ميڊيا رپورٽس موجب گبون جي سرڪاري ٽي وي تازو ئي ملڪ ۾ ٿيل تڪراري چونڊن ۾ علي بونگو جي ٽيون ڀيرو ڪاميابي جو اعلان ڪيو هو.

گبون جي اليڪشن سينٽر موجب علي بونگو اليڪشن ۾ 64.27 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا ۽ هن جي مقابلي ۾ البرٽ اوندو 30.77 سيڪڙو ووٽ کنيا.

ميڊيا رپورٽس موجب گبون جي اپوزيشن ملڪ ۾ ٿيل چونڊن کي فراڊ قرار ڏنو هو.

ملڪ ۾ فوجي بغاوت ڪندڙ فوجي آفيسرن جو چوڻ هو ته صدر علي بونگو کي گھر ۾ نظربند ڪيو ويو آهي، هن سان گڏ سندس گھرڀاتي ۽ ڊاڪٽرز به موجود آهن جڏهن ته صدر جي هڪ پٽ کي بغاوت جي الزام هيٺ گرفتار به ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.