فاطما ڦرڙو ۽ رضوانا ڪيس: اداڪارن وڌندڙ واقعن تي آواز اٿاري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهران خان چيو آهي ته فاطما ڦرڙو ۽ رضوانا سان پيش آيل واقعي تي شديد ڏک آهي، ٻارن سان پيش ايندڙ تشدد، قتل ۽ زيادتي جي واقعن تي خاموش نٿو رهي سگھجي.
ماهرا خان ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ چائلڊ ليبر اينڊ ٽريفڪنگ جي خاتمي تي رٿيل پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته هر حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ هڪ مڪمل نظام بڻايو وڃي، ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪئي وڃي.
ماهرا خان ميڊيا کي اپيل ڪندي چيو ته اهڙن ڪيسز کي رپورٽ ڪرڻ هرگز بند نه ڪريو، هوءَ پاڻ به اهڙن واقعن تي سوشل ميڊيا تي وڌ کان وڌ ڳالهائيندي.
اداڪار احسن خان ڇا ڊراما انڊسٽري ۾ ٺهندڙ ڪهاڻيون معاشري جي اصلاح ڪري سگھن ٿيون؟ جي سوال جو جواب ڏيندي اداڪا احسن خان چيو ته ميڊيا جي ذريعي مثال طور فلمز، ٽي وي يا ٽاڪ شوز ڪنهن به نظريي کي قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن، سڄي دنيا ۾ سياستدان اهو ئي ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته اسان جون اسڪرپٽس يا اسان جي ٽي وي شوز ۾ ڪيل ڳالهه جو وڏو اثر ٿيندو آهي.
اداڪار وڌيڪ چيو ته چينل مالڪ، پروڊيوسرز ۽ اداڪارن لاءِ باقاعدا هڪ پاليسي هجڻ گھرجي جنهن ۾ اصلاحي ڪم ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي.
اداڪارا ۽ سماجي ڪارڪن ناديا جميل چيو ته پاڪستاني ڊراما انڊسٽري تشدد، قتل، زيادتي جهڙن مسئلن جي سلسلي ۾ هلندڙ آگاهي مهم جو حصو بڻجي سگھن ٿيون پر ان لاءِ اسڪرپٽ مان پهريان چماٽ هڻندڙ هيرو کي ڪڍڻو پوندو، هن چيو ته هيروئن کي چماٽ هڻي اوهان ولن بڻجندا آهيو، هيرو نه!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.