شاهه رخ خان ۽ سني ديول 16 سال پاڻ ۾ ڇو نه ڳالهايو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ سني ديول ماضي ۾ 16 سالن تائين هڪ ٻئي سان نه ڳالهايو.

تازو ئي شاهه رخ خان مداحن سان ڳالهه ٻولهه لاءِ هڪ سيشن رکيو جنهن ۾ اداڪار پنهنجن مداحن جي سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا.

ان موقعي جو فائدو وٺندي هڪ مداح شاهه رخ خان کان سوال ڪيو ته اوهان فلم ”غدر 2“ ڏٺي؟

اداڪار سوال جو جواب ڏيندي لکيو ته جي ها، آئون فلم ڏٺي ۽ مون کي پسند به آئي.

شاهه رخ خان جي ان جواب مان ائين محسوس ٿيو ته هاڻ سني ديول ۽ هن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي ويا آهن.

واضح رهي ته شاهه رخ خان ۽ سني ديول 1993ع جي هٽ فلم ”ڊر“ ۾ گڏ ڪم ڪيو هو.

سني ديول پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ فلم ”ڊر“ کي پنهنجي زندگي جو سڀ کان بدترين تجربو قرار ڏنو .

هن ٻڌايو ته جيڪڏهن آئون پنهنجو ڪيريئر ٻيهر شروع ڪريان ته آئون فلم ”ڊر“ جهڙي غلطي ڪرڻ کان بچندس ڇو جو اها فلم منهنجي زندگي جو بدترين تجربو هو، ان دوران مون سان گھڻي هيرا ڦيري ڪئي وئي ۽ ڪوڙ ڳالهايو ويو.

هن اهو به ٻڌايو ته سوئٽزرلينڊ ۾ هڪ ڏينهن مون کي ايتري ڪاوڙ آئي جو آئون کيسي ۾ هٿ وڌا ته آئون جيڪا جينز پهري هئي ان کي ڦاڙي ڇڏيو.

سني ديول انڪشاف ڪيو ته ان فلم جي شوٽنگ دوران منهنجو ڊائريڪٽر سان هڪ سين بابت اختلاف ٿيو هو جنهن ۾ شاهه رخ خان کي مون تي چاڪو سان وار ڪرڻو هو.

ان اختلاف کان پوءِ 16 سالن تائين سني ديول ۽ شاهه رخ خان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه نه ٿي.

ان حوالي سان سني ديول جو چوڻ هو ته اهڙو ڪجهه به ناهي جو اسان هڪ ٻئي سان ناهي ڳالهايو بس آئون گھڻو سوشل ناهيان، ان ڪري اسان ٻيهر ڪڏهن به ناهيون مليا ان ڪري ڳالهايو به ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.