ايشيا ڪپ لاءِ سريلنڪا جي 15 رڪني اسڪواڊ جو ا علان ٿي ويو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ سريلنڪا پنهنجي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جي قيادت ڊاسن شناڪا ڪندو.
سريلنڪا طرفان ڪوشال مينڊس کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، ٻين رانديگرن ۾ پاٿم نسانڪا، ديمٿ ڪرونارتني، ڪوشال پريرا، چريٿ اسالانڪا، ڌننجيا ڊي سلوا، سڌيرا سمارا وڪرما، مهيش ٿڪشانا، دونيٿ ويلا لاگي شامل آهن.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ طرفان مٿيشا پٿيرانا، ڪسون راجيٿا، دشان هيمانٿا، بنورا فرنانڊو ۽ پرامود مدوشان کي به اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.
سريلنڪن بورڊ موجب وانندو هسارنگا ۽ دشمانٿا چميرا انجري سبب اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيا، ڪوشال پريرا فلو سبب اسڪواڊ جوائن نه ڪري سگهندو پر صحتياب ٿيڻ کانپوءِ اسڪواڊ جوائن ڪري سگهندو.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ سرينلڪن ٽيم پهرين ميچ 31 آگسٽ تي بنگلاديش خلاف کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.