عورتن کي فائدو پهچائيندڙ ڪا به تبديلي هاڪاري آهي: راني مکرجي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا راني مکرجي چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته عورتن کي فائدو پهچائيندڙ ڪا به تبديلي هاڪاري آهي.

راني مکرجي گھڻين فلمن ۾ عورتن کي روايتي انداز ۾ معاشري جي هڪ ڪمزور فرد جي حيثيت سان ڏيکارڻ بدران مضبوط ۽ باهمٿ ڪردارن ۾ ڏيکارڻ بابت ڳالهائيندي نظر ايندي آهي.

هن پنهنجي تازي انٽرويو دوران روايتي فلمن جي ابتڙ ڊجيٽل پليٽ فارمز تي عورتن کي اهم ۽ مضبوط مرڪزي ڪردارن ۾ ڏيکارڻ تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته مون کي يقين آهي ته عورتن کي فائدو پهچائيندڙ ڪا به تبديلي هاڪاري آهي. عورتن جي اڳواڻي لاءِ راضپو بهترين آهي پر اهو به ضروري آهي ته اسان جي ڪم کي ماڻهو ڏسن ڇو جو اداڪار طور اسان جي ڪاميابي جو دارومدار ناظرين تي آهي، اسان رڳو پنجن يا 6 شوقينن لاءِ فلمن ۾ ڪم ناهيون ڪري رهيا، اسان پنهنجي ڪم جي عالمي سطح تي موٽ چاهيندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.