طبي تاريخ جو انوکو واقعو، عورت جي دماغ ۾ جيت !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن جو چوڻ آهي ته طبي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آسٽريليا جي هڪ عورت جي دماغ مان 3 انچ ڊگهو جيئرو جيت ڪڍيو ويو آهي.

آسٽريليا جي شهر ڪينبرا ۾ گذريل سال اهو ڪيس ان وقت سامهون آيو جڏهن هڪ عورت جي دماغ جي متاثر حصي مان ڌاڳي جهيڙي جيت کي آپريشن ڪري ڪڍيو ويو.

ڊاڪٽرن موجب متاثر عورت ۾ غيرمعمولي نوعيت جون علامتون هيون جن ۾ معدي جو سور، کنگهه، رات جو پگهر اچڻ سميت ڊپريشن به هو. هن عورت جي يادداشت به تيزي سان متاثر ٿي رهي هئي ۽ هو ڳالهيون وسارڻ لڳي هئي.

خيال ڪيو پيو وڃي ته ڳاڙهي رنگ جو جيت ٻن مهينن کان وڌيڪ وقت کان عورت جي دماغ ۾ موجود هو.

محققن خبردار ڪيو آهي ته هن ڪيس جي ڪري ثابت ٿئي ٿو ته جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿيندڙ بيماين جا امڪان خطرناڪ حد تائين وڌي رهيا آهن.

سنجنا سينانائڪي ڪينبرا اسپتال جي ان آپريشن ۾ شامل هئي جنهن ۾ متاثر عورت جي دماغ مان جيت ڪڍيو ويو.

هن چيو ته هن آپريشن ٿيٽر ۾ هر ڪنهن کي حيران ٿي رهي هئي. هي اهڙي بيماري آهي جنهن کي انسان ۾ اڳ ڪڏهن نه ڏٺو ويوهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.