نين ڪنوارن لاءِ 41 هزار رپيا روڪ انعام

پيڪنگ (ويب ڊيسڪ) پيدائش جي گهٽ شرح ۽ وڌندڙ پيرسن ماڻهن جي آبادي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اوڀر چين جي چانگ شان ڪائونٽي انوکو پروگرام متعارف ڪرايو آهي.

ڪائونٽي هاڻي جوڙن کي هڪهزار يو آن يعنيٰ 137ڊالر (جيڪي 41 هزار رپين کان وڌيڪ ٿين ٿا) مالي انعام ڏئي رهي آهي، ڪنوار جي شادي وقت عمر 25 سال کان گهٽ هجي.

گذريل هفتي چانگشن ڪائونٽي جي آفيشل وي چيٽ اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيل اعلان جو مقصد ان کي هٿي ڏيڻ آهي جنهن کي عملدارن پهريون ڀيرو جوڙن لاءِ عمر جي حوالي سان مناسب شادي ۽ ٻار پيدا ڪرڻ جو نالو ڏئي رهيا  آهن.

ڪائونٽي انهن جوڙن لاءِ جيڪو جيڪي خاندان شروع ڪن ٿا، انهن جي سار سنڀال، مدد ۽ تعليم بابت رعايت ڏئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.