ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊينگي بخار جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي وئي.
صحت کاتي جي ترجمان موجب هلندڙ مهيني شهر ۾ 138 ڄڻا ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿيا.
ترجمان ٻڌايو ته ڊينگي بخار سان متاثر ماڻهن ۾ عورتون، بزرگ ۽ ٻار به شامل آهن، جڏهن ته هلندڙ سال صوبي ۾ مجموعي طور 909 ڄان ڊينگي جو شڪار ٿي چڪا آهن.