سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ناڻي واري نگران وزير محمد يونس ڍاگا رٽائرڊ ۽ حاضر سروس سرڪاري ملازمن جون رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
يونس ڍاگا هدايتون جاري ڪيون آهن ته رٽائرڊ، حاضر سروس سرڪاري ملازمن جون رهتون ادا ڪيون وڃن.
هن چيو ته سرڪاري ملازمن جون گذريل ٻن سالن جو دير جو شڪار رهتون ادا ڪيون وڃن ۽ خدمتن ۾ بهتري لاءِ ضلعي ٽريزري آفيسن ۾ موبائل ايپ لانچ ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته 20 هزار کان وڌيڪ رٽائرڊ ملازمن 3 سالن کان رهتون جاري نه ٿيڻ سبب ڏکيائين جو شڪار آهن، پينشن، ڪميوٽيشن، گريجوئيٽي ۽ رٽائرمينٽ کان اڳ جي پگهار جي مد ۾ فنڊن جي کوٽ آهي، فنڊن جي کوٽ سبب رهتون 36 بلين تائين پهچي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.