هاڻ گوگل ذريعي سستو هوائي سفر ڪرڻ ممڪن

جيڪڏهن اوهان ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ڪٿي گھمڻ لاءِ وڃڻ جو ارادو رکو ٿا ته سستي سياحت لاءِ گوگل سرچ انجڻ کان مدد وٺو.
جي ها گوگل هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد اوهان جي سياحت جي منصوبي کي سستو ۽ سولو بڻائڻ آهي.
ڪمپني موجب گوگل فلائٽس جي نئين فيچر سان واهپيدارن کي خبر پئجي سگھندي ته ڪڏهن کين گھٽ قيمت ۾ هوائي سفر ڪرڻ جو موقعو ملي سگھي ٿو.
پر هاڻ نئين فيچر سان واهپيدار کي اها به خبر پئجي سگھندي ته گھربل منزل لاءِ سڀ کان سستي جهاز جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ ڪڏهن ممڪن هوندو.
گوگل طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان فيچر سان واهپيدارن کي موقعو ملي سگھندو ته هو ته جيئن اهي سستي ٽڪيٽ هجڻ تي سفر لاءِ وقت مقرر ڪري سگهن.
ڪمپني موجب جيڪڏهن اوهان کي لڳي رهيو آهي ته اڃا ٽڪيٽ بڪ ڪرائڻ جو مناسب وقت ناهي ته گوگل فلائٽس تي پرائز ٽريڪنگ کي ٽرن آن ڪري ڇڏيو.
ائين ڪرڻ کان پوءِ جڏهن به ٽڪيٽن ۾ گھٽتائي ايندي ته واهپيدار کي نوٽيفڪينشز موصول ٿيندا.
هو ائين مخصوص تاريخن لاءِ به ڪري سگھن ٿا يا ايندڙ 3 کان 6 مهينن لاءِ به ان فيچر جو استعمال ڪري سگھن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.