پرويز خٽڪ جو فوجي ملڪيتن تي حملن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته 9 مئي تي فوجي ملڪيتن تي حملن لاءِ الڳ الڳ ٽيمون جوڙيون ويون هيون.
پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز سربراهه پرويز خٽڪ جو 9، 10 مئي واقعن بابت ڏنل هڪ بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.
ان بيان ۾ پرويز خٽڪ ٻڌايو ته جنهن وقت اسان جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو ته ڀڃ ڊاهه جو منصوبو جوڙيو ويو، نوجوانن کان حلف به ورتو ويو ته جيئن هڪ فورس تيار ٿي وڃي.
هن چيو ته فوجي ملڪيتن تي حملن لاءِ الڳ الڳ ٽيمون جوڙيون ويون هيون، خيبر پختونخواهه ۾ ٺاهيل ٽيم ۾ مراد سعيد ۽ علي امين گنڊاپور شامل هئا.
سندس موجب ڌرڻن ۽ جيل ڀريو تحريڪ جو مقصد لٺبازي ۽ جيلن ۾ وجهڻ جو خوف ختم ڪرڻ هو، فوج خلاف اهڙو حملو ملڪ جي توهين آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن هڪ جلسي سان خطاب ڪندي پرويز خٽڪ تحريڪ انصاف چيئرمين کي فرعون قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.