”عمران خان کي عارضي رليف مليو، سزا ۽ نااهلي برقرار آهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا معطلي کي عارضي رليف قرار ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته مختصر فيصلي تي مٺائيون نه ورهائڻ گهرجن، تحريڪ انصاف چيئرمين جي سزا به پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي ۽ نااهلي به.
هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي صلاح ڏني ته اهي مٺائي کائڻ ۾ تڪڙ نه ڪن، سزا معطل ٿي آهي ختم ناهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته سائفر ڪيس ۾ گرفتاري سبب عمران خان جي آزادي جو ڪو امڪان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.