زالن کي مڙسن جي موبائل چيڪ ڪرڻ جو حق آهي: اُشنا شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اداڪارا اُشنا شاهه چيو آهي ته شادي کانپوءِ موبائل تي ڪنهن ڪوڊ يا پاسورڊ جي ضرورت پيش نه اچڻ گھرجي.

خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ميزبان اداڪارا اُشنا شاهه کان سوال ڪيو ته ڇا زالن کي مڙسن جو فون چيڪ ڪرڻ گھرجي؟

اداڪارا جواب ڏيندي چيو ته، جيتوڻيڪ زالن کي مڙسن جي موبائل چيڪ ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوڻ گھرجي پر جيڪڏهن ان جي باوجود زال موبائل چيڪ به ڪري ته مڙس کي مسئلو پيش نه اچي، گھڻا مرد پنهنجي فون ابتي رکندا آهن.

اُشنا شاهه پنهنجي مڙس جي ڳالهه ڪندي چيو ته الله جو شڪر آهي مون سان اهو مسئلو ناهي، منهنجو مڙس سٺو آهي هن شادي کان پوءِ منهنجي چوڻ کانسواءِ پنهنجي موبائل تي منهنجي فيسبڪ آءِ ڊي لڳائي ڇڏي.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته شادي کان پوءِ ڪنهن فون ڪوڊز جي ضرورت نه هجڻ گھرجي، جيڪڏهن اوهان کي شادي کان پوءِ راز رکڻا آهن ته شادي نه ڪريو، پنهنجي فطرت ۽ حرڪتون ايتريون صاف رکو ته جيئن زال کي فون چيڪ ئي نه ڪرڻي پوي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.