ڪراچي ( م ڊ) بجلي جو بل ڏسي عوام جون دانهو ن نڪري ويون، صارفين کان 2 مهينن جي گڏيل وصولي ڪئي وئي، آگسٽ ۾ بجلي جو بل ڏسي عوام جون دانهون نڪري ويون، بجلي جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ گڏائي عوام کي في يونٽ بجلي 52 رپين تائين پئجي رهي آهي، آگسٽ جي بجلي ملن ۾ صارفين تي 15 رپيا في يونٽ تائين واڌ جو بار وڌو ويو، پهرين جولاءِ تي بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ ساڍا 7 رپيا واڌ ڪئي وئي پر ان جي مڪمل وصول نه ٿي، وري آگسٽ ۾ صارفين کان ٻن مهينن جي گڏيل وصولي ڪئي وئي، هڪ رپيا 81 پئسا في يونٽ جي فيول پرائس ايڊجسمنٽ به وصول ڪئي پئي وڃي، رهيل ڪسر بجلي تي لاڳو ٽيڪس به پوري ڪري ڇڏي، مجموعي طور تي هڪ سال ۾ بجلي صارفين تي ڏيڍ هزار ارب رپين جو بار وڌو ويو.