اسلام آباد (اي پي پي+م ڊ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنينن کي بجلي چوري جي روڪٿام جو روڊ ميپ ۽ بجلي جي شعبي جي سڌارن ۽ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي جو پلان جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن ۾ گهٽتائي لاءِ ٺوس جوڙي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن اهي هدايتون آچر ڏينهن هتي بجلي جي بلن ۾ اضافي تي هنگامي اجلاس جي پهرين دور جي صدارت ڪندي جاري ڪيون، اجلاس ۾ وزيراعظم کي جولاءِ جي بجلي جي بلن ۾ اضافي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته تڪڙ ۾ ڪو به اهڙو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچي، اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان ملڪي خزاني تي اضافي بار نه پوي ۽ صارفين کي سهولت ملي. هن چيو ته ائين ممڪن ناهي ته عام ماڻهو مشڪل ۾ هجي ۽ آفيسر شاهي ۽ وزيراعظم ان جي ٽيڪس تي مفت بجلي استعمال ڪن. هن چيو ته لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا مفت بجلي حاصل ڪندڙ آفيسرن ۽ ادارن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن،هن چيو ته هو عام ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، وزيراعظم هائوس ۽ پاڪ سيڪريٽريٽ ۾ بجلي جو خرچ گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن منهنجي ڪمري جي اي سي بند ڪرڻي پوي ته بيشڪ بند ڪري ڇڏيو، هوڏانهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ اندر رهندي جلد کان جلد عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ پاور ڊويزن بريفنگ ڏني، جنهن ۾ مختلف وفاقي وزيرن سميت سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ توانائي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت کي گڏجي لائحه عمل جوڙڻ جي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته مختلف سرڪاري ملازمن کي مفت يونٽس جي معاملي تي به تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اڄ صوبن سان به مشاورت ڪئي ويندي.