بجلي بلن لوئر مڊل ۽ مڊل ڪلاس کي ٻن ويلن جي ڳڀي کان محروم ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) مهانگائيءَ جي سونامي اپر مڊل ڪلاس کي لوئر ڪلاس کان به بدتر حالت ۾ آڻي  ڇڏيو آهي. جڏهن ته مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس غربت جي لڪير کان به هيٺ  هليو ويو آهي ۽ ٻن   ويلن جي ڳڀي کان به محروم ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي بجلي بلن بابت معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته غريب ۽ مزدور طبقو هڪ بلب ۽ هڪ پکي جو بل ڏيڻ کان به لاچار ٿي ويو آهي. اصل  مسئلو اهو آهي ته هڪ ته بجلي بلن ذريعي بي شمار ٽئڪس اوڳاڙيا پيا وڃن جن جي عام صارف کي ڪا ڄاڻ  نه آهي. ٻيو ته واپڊا جا عملدار  مختلف علائقن ۾ هٿ سان رشوت عيوض  بجلي چوري ڪرائي رهيا آهن. انهن جا کيسا ته ڀرجي رهيا آهن پر چوري ڪرايل بجلي لائين لاسز ڄاڻائي ان جي اوڳاڙي عام صارفين کان ڪئي پئي وڃي. نتيجي طور غريب ۽ مزدور طبقو خود ڪشيءَ تي مجبور ٿي ويو آهي. مختلف موقعن تي اقتدار ۾ ايندڙ سياسي پارٽيون خاص طور (ن)  ليگ، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ۽ ٻيو پارٽيون پناهه گاهن ۾ بند ٿي ويون آهن، مهانگائي ماريل بنا قيادت جي روڊن تي اچي ويو آهي عوام جي اها ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪنهن وڏي سانحي کي جنم ڏئي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.