اسلام آباد/ڪراچي(م ڊ+رپورٽر) بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ ڳرن ٽيڪسز خلاف عوام جو صبر جواب ڏئي ويو، مختلف شهرن ۾ واپاري برادري سميت عام شهري روڊن تي نڪري آيا.ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي. ڌرڻن سبب سنڌ، پنجاب جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. مهانگائي سٽيل ماڻهن بجلي جي بلن کي باهيون ڏئي ڇڏيون آهن. سنڌ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان سميت آزاد ڪشمير ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.سکر جي رهواسين گهنٽا گهر چوڪ تي شاميانا هڻي سيپڪو خلاف ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. حيدرآباد ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بهاولپور ۾ مظاهرين سنڌ پنجاب کي ملائيندڙ قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو.اميدن کان وڌيڪ بجلي جا بل اچڻ تي لاهور جي عوام به روڊن تي نڪري آئي، شاهده جي رهواسين بجلي جي بلن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو. مظاهرين مهانگي بجلي ڏيڻ تي حڪومت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. رسالپور ۾ عوام بجلي جي ڳرن بلن خلاف سراپا احتجاج آهن. عوام مردان، نوشهره، جي ي روڊ مڪمل طور تي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو. بجلي جي بلن خلاف واپارين دوڪانون بند ڪري ڇڏيون مڇريل مظاهرين واپڊا، پيسڪو ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين چيو ته بجلي جي ڳرن بلن عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. حڪومت بجلي جي بلن مان ٽيڪس ڪٽوتيون ختم ڪري ريليف نه ڏنو ويو ته ملڪگير احتجاج ڪيو ويندو.فيصل آباد ۾ به بجلي جي بلن خلاف شهرين شيخو پوره روڊ تي احتجاج ڪندي روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو. مظاهرين بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪندي فيسڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جڏهن پنجاب،ڪي پي جي مختلف شهرن، صادق آباد، حجره شاهه مقيم، اوڪاڙه، قصور، مالاڪنڊ،پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج جو سلسلو جاري آهي.مظاهرين جو چوڻ آهي ته 2 پکا ۽ هڪ سيور استعمال ڪرڻ تي به 16 هزار جو بل اچي رهيو آهي؟ ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. 20 کان 25 هزار پگهار کڻندڙ يا روزانو هزار روپيه ڪمائيندڙ پورهيت 30 کان 40 هزار جو بل ڪيئن ادا ڪندو جيڪڏهن پورهيت بجلي جو بل ادا ڪري ٿو ته پنهنجن ٻچڙن کي ڇا کارائيندو. مظاهرين فوري طور تي ڻگران حڪومت کان بجلي جي بلن ۾ واڌ جو اعلان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن اسلام آباد، پشاور ۽ ملتان جي بجلي ڪمپنين به مظاهرين جي خوف کان پوليس کي طلب ڪري ورتو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته عوام بجلي جي بلن جو بار برداشت نٿو ڪري سگهي، عوام اعلان ڪيو آهي ته بلن ۾ واڌ قبول نه آهي.ڪراچي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته 500 ارب رپين جي چوري ۽ مفت بجلي مان خاص ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن.هن چيو ته هي ڪهڙو رويو آهي جو هر 15 ڏينهن بعد عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو وڃي، حڪمران ڏسن ته وڌيڪ ظلم نه ٿيندو.امير جماعت اسلامي ڪراچي وڌيڪ چيو ته هو اهڙو انقلاب نٿا چاهين جنهن ۾ ظلم ۽ زيادتي هجي. ڪجهه ماڻهو مفت ۾ بجلي استعمال ڪندا آهن.هن چيو ته 500 ارب رپين جي چوري ۽ مفت بجلي مان خاص ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن، آءِ ايم ايف سياسي ڏاڍ جو ادارو آهي.
لاهور(م ڊ) بجلي جي بلن ۽ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جي امير سراج الحق 2 سيپٽمبر ڇنڇر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ڪراچي کان چترال تائين حڪومت جي ظالماڻي فيصلي خلاف عوام روڊن تي نڪرندو. فيصلو برداشت ۽ هضم ڪرڻ جهڙو نه آهي. حڪمرانن شگر ملون ۽ جائدادون وڌائي ڇڏيون، ايٽم بم استعمال ڪيو وڃي ته قوم اڀري سگهي ٿي پر اخلاقيات تباهه ٿي ته ڪڏهن به نه اڀري.هن چيو ته مان حيران آهيان ته پن بجلي جو اگهه 6 رپيا 94 پيسا آهي، نااهل حڪومت ۽ انتظاميه هر روز مهانگو ڪوئلو، گيس ۽ تيل درآمد ڪري ڌاڙو هڻي رهي آهي،بجلي جي بلن عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي،ڪٿي آهي ڀاشا ڊيم؟ قيامت تائين مڪمل نه ٿيندو،عوام لاءِ بارودي سرنگهون ڪنهن وڇايون آهن؟سراج الحق چيو ته هڪ پکو ۽ چار بلب استعمال ڪرڻ وارن کي 40 هزار رپيا بل مليو آهي، هو حڪومت کي خبردار ڪريون ٿا ته بجلي جو فيصلو واپس ورتو وڃي، هو ظالماڻي فيصلو نه مڃيندا، بلن خلاف احتجاج جاري آهي. ڪراچي کان چترال تائين واڌو بلن خلاف احتجاج جاري آهي،جماعت اسلامي جي ترجمان موجب جماعت اسلامي جي امير سراج الحق اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ مُک اڳواڻن کان علاوه صوبائي اڳواڻ به شريڪ ٿيندا.اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. مهانگائي جي خلاف جاري تحريڪ ۾ وڌيڪ تيزي ۽ شيڊول تي مشاورت ڪئي وئي. بجلي جي بلن ۾ ظالماڻي واڌ تي اسلام آباد ۾ احتجاجي ڌرڻي تي به غور ڪيو ويو. ترجمان چيو ته جماعت اسلامي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي.