ملڪ ۾ فرانس انقلاب جهڙي اجتماعي ڪاوڙ جو پڙاڏو صاف ٻڌي سگهجي ٿو: سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي بجلي بلن واري معاملي تي باهه ٻريل آهي، ليکڪ نصير ميمڻ لکيو آهي ته هن مهانگائي، ٽيڪس ۽ بدامنيءَ جي ان دور ۾ جيڪڏهن ڪا عوامي قيادت هجي ها ته عوام اهو ڪم ڪري ها. بدقسمتيءَ سان سمورين سياسي پارٽين پنهنجي ساک کي ايترو ته نقصان پهچايو آهي جو انهن وٽ عوام کي قيادت فراهم ڪرڻ جي طاقت ئي نه رهي  آهي. عام ماڻهو سخت ڪاوڙ ۽ بيوسيءَ جي ور چڙهيل آهي سينئر صحافي رياض سهيل لکيو ته اڳوڻي اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين آءِ ايم ايف جون سموراشرط قبول ڪيا بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ، وڌيڪ ٽيڪس، هاڻي ان اتحاد ۾ شامل پارٽين جا بيان اچي رهيا آهن ته مهانگي بجلي نامنظور،ناليواري اداڪار شفاعت علي چيو ته صرف واپڊا ۽ ڊسڪوز جا عملدار ڇو؟ سڀني(عملدارن) جون مفت بجلي، پيٽرول، گاڏين جون سهولتون ختم ٿيڻ گهرجن. ڪو به غريب ملڪ ان کي برداشت نٿو ڪري سگهي،ناليواري ليکڪه نورالهديٰ شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ فرانس جي انقلاب جهڙو اجتماعي ڪاوڙ/رد عمل هاڻي واضح طور تي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن مراعات يافته حڪومتي/ رياستي طبقي تي عوام ٽٽندو،جيڪڏهن  هاڻي به مراعات يافته حڪومتي/ رياستي ماڻهن جي معاشي مراعتن ۾ ڪٽوتي ڪري عوام جي برابر نه بيهاريو ويو ته وڏي کان وڏو عهدو هن وقت نفرت جي اڱرن تي رکيل آهي،پرويز بيگ چيو ته سڄي ملڪ مان مفت بجلي جي يونٽ جي پاليسي ختم ڪئي وئي ته عوام کي 9 رپيا في يونٽ ادا ڪرڻو پوندو.پاڪستان کي اشرافيه جي بدمعاشي کائي وئي،تانيا سليم پليجو چيو ته هر قوم جا پنهنجا وڏيرا آهن، پر انهن جا نالا مختلف آهن. سرمائيدار به اوترو ئي ظالم هوندو آهي جيترو وڏيرو، پر هو سرمائيداراڻي نظام جي ڇانو هيٺ ظلم ڪندو آهي. هو اهڙو ڪم ڪري ٿو جو گاريون مٿس نه پر نظام تي پوي ٿي،ايمل خان چيو ته جيستائين عملي قدم نه کنيا ويندا تيستائين آواز اٿاريندا رهنداسين، هاڻي اسان خالي اعلانن تي دوکو نه کائينداسين، سينيٽر افنان الله خان چيو ته ڪنهن به سرڪاري آفيسر ۽ جج کي مفت بجلي نه ملڻ گهرجي. مفت کائڻ جو هي سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. قوم مصيبت ۾ آهي ۽ هي ماڻهو عيش عشرت ۾ مصروف آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.