حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي پارٽين جي اتحاد سنڌ ليفٽ فرنٽ پاران ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، زمينن تي والار، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ اتر سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين عوامي ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ وڏي انگ ۾ کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪنن، عورتن، شاگردن، پورھيتن ۽ سماج جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي پورھيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاھھ، عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلھو، عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي صدر سيد لعل شاھھ، سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، وطن دوست جمھوري پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عرض محمد رتڙ، طبقاتي جدوجھد جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ راھول، پاڪستان پيپلزپارٽي(شھيد ڀٽو) جي مرڪزي اڳواڻ حسنين شاھھ، پاڪستان قومي محاذ آزادي جي ڊپٽي ڪنوينر صادق جرچوي ۽ ٻين ڪئي. ريلي ۾ شامل ڪارڪنن ملڪ ۾ مھانگائي، سنڌ جي زمينن تي والار، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ بدامني خلاف سخت نعريبازي ڪئي، سندن ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ بھ کنيل ھئا. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان پھرين ڏينھن کان ھڪ سڪيورٽي ۽ مسواڙي رياست طور رھيو آھي، جيڪا سامراجي عالمي مالياتي ادارن جي اشارن تي ھلندي رھي آھي ۽ ان ڪڏھن به صنعتڪاري، تعليم، صحت ۽ عوامي ڀلائي ڏانھن ڌيان ناھي ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ 75 سالن جي سامراجي معاشي پاليسي سبب اڄ عوام ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي کي منھن ڏئي رھيو آھي. ھنن چيو تھ ملڪ رياض جھڙن سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ملڪ جي اشرافيا، ججن ۽ جنرلن جي دولت کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻ بجاءِ حڪمران طبقو اڻ سڌو ٽيڪس لاڳو ڪري عوام تي مھانگائي جا بم ڪيرائي رھيو آھي ۽ عام واھپي جي شين جي قيمت آسمان سان ڳالھائي رھي آھي، جنھن جي نتجي ۾ اڄ اٽو 160 ڪلو، بجلي 50 رپيا يونٽ، پيٽرول 293 رپيا ليٽر ۽ ڊالر 300 رپين کي ڪراس ڪري چڪو آھي. ھنن چيو تھ ملڪ جو خزانو خالي ھجڻ، معاشي بدحالي ۽ ڊفالٽ جي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ پاڪستان پنھنجو دڳ صحيح ڪرڻ بجاءِ مظلوم قومن خاص ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن کي وڌيڪ ڦرڻ جو منصوبو ٺاھيو آھي، جنھن ۾ حڪمران سياسي پارٽيون خاص ڪري سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڪميشن ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪري رھي آھي. ھنن چيو تھ تازو سيڙپڪاري سھولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آھي، جنھن ۾ سگھارن ادارن جو نمايان ڪردار آھي، ڪراچي پورٽ جو 40 سالن لاءِ وڪرو، ڪارونجھر جي گرانائيٽ ڪڍڻ خاطر مستقل ڪٽائي ۽ نيلامي جي ڪوشش ۽ سگھاري اداري کي زراعت جي بھاني لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ جھڙا قدم رياست جي بنيادي مسواڙي، عوام دشمن، قوم دشمن ۽ سگھاري اداري جي منطق جو اظھار آھن. هنن چيو ته پروفيسر اجمل ساوند کان ويندي جان محمد مھر ۽ پيراڻي ظلم جو شڪار ٿيندڙ معصوم نياڻي فاطما جي ايف آئي آر رياست ۽ ان جي قائم ڪيل قبائلي جاگيرداري ۽ پيراڻي سرشتي تي ٿيڻ گھرجي. ھنن مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ سامراجي مالياتي پاليسين کي ختم ڪري عوام دوست معاشي پاليسي کي لاڳو ڪيو وڃي، جنھن ۾ سرمائيدارن، ججن، جنرلن ۽ جاگيردارن جي ملڪيت تي ٽيڪس لاڳو ڪري عوام کي ريليف ڏنو وڃي، زرعي سڌارا آڻي بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي زمينون ڏنيون وڃن ۽ صنعتڪاري لاءِ اپاءُ ورتا وڃن، رياست ۽ قومن جي وچ ۾ نئون عمراني معاھدو ڪري پاڪستان کي گھڻ قومي ملڪ تسليم ڪندي سڀني قومن کي پنھنجي وسيلن تي مڪمل اختيار ڏنو وڃي ۽ سگھاري اداري جي سياست ۾ مداخلت کي ختم ڪيو وڃي، کير ٿر ۽ ڪارونجھر جو مڪمل تحفظ ڪيو وڃي