ڪراچي(م ڊ)ملڪ ۾ جاري بجلي جي بحران کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اهم فيصلو ڪري ورتو آهي.ڪراچي ۾ ٿيل پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي ٻئي اجلاس ۾ ڪميٽي سڄي ملڪ جي اسٽيڊيمز لاءِ سولر انرجي مان بجلي خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني.پي سي بي جي ترجمان موجب اسٽيڊيم کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو مستقبل کي نظر ۾ رکندي بجلي جي بچت لاءِ ڪيو ويو آهي.