آگسٽ ۾ بجلي يونٽ جو اگهه 89 رپين کان مٿي آهي: توانائي وزارت عملدار

اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وزارت بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت ڊيٽا پيش ڪري ڇڏ . اختيارين موجب آگسٽ ۾ بجلي جي قيمت 89 رپيا 33 پئسا في يونٽ رهي.پاور ڊويزن جي عملدارن موجب ڪيبور ۽ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ سبب به بجلي جي قيمتن ۾ فرق اچي ٿو.اختيارين موجب امپورٽ ٿيل ڪوئلي جو اگهه به 51 هزار کان 61 هزار رپيا في ميٽرڪ ٽن رهيو. ايندڙ سال، 2 ٽريلين رپيا صرف گنجائش جي ادائيگي جي صورت ۾ ادا ڪرڻا آهن. پاور ڊويزن جي عملدارن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو وڏو فرق 400 يونٽن کان وڌيڪ واهپيدارن تي لاڳو ڪيو ويو آهي.اختيارين موجب 63.5 سيڪڙو گهريلو صارفين لاءِ ٽيرف ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو. 31.6 سيڪڙو گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 6.5 في يونٽ واڌ ٿي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.